اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڪرائي آهي ته جعلي ۽ بنا نالي اڪائونٽس ڪيس ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ کان اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ منتقلي خلاف داخل ڪيل درخواست تي جلدي ٻڌڻي ڪئي وڃي. واضح رهي ته آصف زرداري اهو ڪيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي 28 مئي تي سپريم ڪورٽ ۾ چئلنج ڪيو هو. آصف علي زرداري جي سينئر وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پاران ٻن صفحن تي مشتمل درخواست سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي. درخواست ۾ عدالت عظميٰ کي استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت اپيل تي سومر يا اڱاري ڏينهن ٻڌڻي ڪري. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جعلي اڪائونٽ ڪيس جو معاملو ڪراچي جي بينڪنگ عدالت کان منتقلي کان پوءِ ئي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. واضح رهي ته اپيل جيڪا تقريبن 6 مهينن کان سپريم ڪورٽ ۾ التوا جو شڪار آهي اسلام آباد ڪيس منتقلي جي درخواستن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان مسترد ڪيل فيصلي کي چئلنج ڪيو ويو هو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 اپريل واري ٻڌڻي حقيقتن جي ابتڙ آهي عدالت عظميٰ 7 جنوري تي پنهنجي حڪم ۾ ڪيس کي ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ کان اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪا به هدايت ناهي ڪئي. واضح رهي ته 12 نومبر تي اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي علاج لاءِ ان کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي رد ڪري ڇڏيو هو.










