ڪير غلط فهمي ۾ نه رهي، ڪي پي هڪ رپيو به نه ڇڏيندو

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته ڪو به غلط فهمي ۾ نه رهي، ڪي پي ڪي پائي پائي وصول ڪنداسين،هڪ بيان ۾ مزمل اسلم چيو ته پنجاب ۽ سنڌ ننڍن صوبن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري رهيا آهن، خيبرپختونخواهه جا جائز بقايا ادا نه پيا ڪيا وڃن.هن چيو ته ڪي پي ۾ سستي بجلي، تيل ۽ گئس جا بقايا يا ٽيڪس جو معاملو لٽڪيل آهي، وزيراعظم شهباز شريف مراد علي شاهه جي گهر پهتو ۽ 150 بسن جو واعدو ڪيو.مزمل اسلم جو چوڻ آهي ته شهباز شريف مفت گهر ٺاهڻ ۽ ٽيڪس معاملن ۾ مدد جي آڇ کڻي آيو آهي.ناڻي واري صلاحڪار چيو ته پيپلز پارٽي تڪ بندين جو ڀرپور فائدو وٺي کيس وزيراعظم رهڻ ڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو