ڪير روڊ تي نڪتو ته دفاع پاڪستان به نڪرندي:لڌيانوي

ڪير روڊ تي نڪتو ته دفاع پاڪستان به نڪرندي:لڌيانوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مولانا احمد لڌيانوي خبردار ڪيو آهي ته معاملن جو فيصلو ايوانن ۾ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو روڊن تي آيو ته پاڪستان دفاع ڪائونسل به روڊن تي نڪرندي.پاڪستان استحڪام ڪانفرنس جي اعلان موجب مولانا احمد لڌيانوي چيو ته جيڪڏهن سندس جماعت روڊن تي نڪرندي ته ممي ڊيڊي برگر کائڻ وارن جو رستو روڪي نه سگهندا. دفاع پاڪستان ڪائونسل استحڪام پاڪستان ڪانفرنس ۾ ملڪي سالميت جي ضامنن سان مڪمل، غير مشروط يڪجهتي جو اظهار ڪندي ٺهراءُ پاس ڪيو آهي.قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سياسي ۽ مذهبي قوتون ادارن کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪن، مقدسات جي حرمت بابت قانون خلاف سازشن جو ازالو ڪيو وڃي.قرارداد ۾ ڪشمير، فلسطين ۽ سمورن مظلوم قومن جي آزادي جي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.قرارداد ۾ چيو ويو ته قومي سالميت جي ادارن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪ افغان لاڳاپن جون ڪوششون خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ مفيد ۽ ضروري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو