ڪير به ڪنهن جماعت کي ختم نه ڪري سگهندو:شاهد خاقان

ڪير به ڪنهن جماعت کي ختم نه ڪري سگهندو:شاهد خاقان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته ڪنهن به پارٽي کي ڪير به تباهه نٿو ڪري سگهي، جنهن ملڪ ۾ جمهوريت نه هجي اتي چونڊون چوريون ٿينديون ته بار پوندو.ڪراچي جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن سڀ ذميواري سان ڪم ڪن ته ملڪ جا مسئلا حل ٿي ويندا، مشورو ڏيڻ چيف جسٽس جو ڪم ناهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته عدالتن ۾ ڪوڙا ڪيس آهن، نيب ڇا ڪري رهي آهي، ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙن اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي، اسان جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، بدنامي ۽ مالي نقصان به ٿيو آهي، نيب هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ان تي معافي گهري. جعلي ڪيس ٺاهيو ويو جنهن تي به دٻاءُ هو، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عمران خان چوي ٿو ته هن ڪو به ڪيس ناهي ٺاهيو.ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جي جاچ ڪرڻ نيب چيئرمين جي ذميواري آهي. اڄ به چوان ٿو ته ڪيس ڪيمرائن جي سامهون هليو وڃي.عمران خان وانگر ڀڄڻ وارن مان ناهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو