اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪيترو به دٻاءُ اچي چين سان تعلقات ۾ فرق نه ايندو. پاڪستاني چيني صدر جي ڪرپشن خلاف جنگ مان ڏاڍو متاثرآهن، پاڪستان ۾ چيني صدر شي جِن پِنگ کي جديد دور جو عظيم ليڊر سمجهيو وڃي ٿو، چيني صدر جي ڪرپشن خلاف مهم اثرائتي ۽ ڪامياب رهي جنهن 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو. اهڙو اظهار هن چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي 100 سالن جي جشن جي موقعي تي چيني ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيوته چين اسانجو قابل ڀروسه دوست ملڪ آهي چين سان لاڳاپن ۾ ڪابه تبديلي نه آڻينداسين، چين سان ويجها ۽ گهرا لاڳاپا آهن، چين هر ڏُکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي آهي، آئون پاڻ به ايندڙ هفتي گوادر وڃي سيپيڪ منصوبن جو جائزو وٺندس، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو تھ سيپيڪ سان پاڪستان جو اقتصادي مستقبل واڳيل آهي، چين سان لاڳاپن تي پاڪستان مٿان دٻاءُ آهي ته آمريڪا يا چين مان ڪنهن هڪ ملڪ سان بيهون پر اهو دٻاءَ رد ڪريون ٿا. هن چيو ته آمريڪا مغربي ملڪن سان ملي چين خلاف دشمني شروع ڪئي آهي، هن چيو ته ڀارت کي گهرجي ته چين سان تجارتي لاڳاپا وڌائي ۽ چين سان برابري واري ڊوڙ ۾ کين نقصان ٿيندو.
مشهور خبرون










