اسلام آباد(بيورو)ڪيترن ئي نوٽيسن ۽ عدالتي حڪمن کانپوءِ عمران خان عورت جج ۽ پوليس آفيسرن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيو. عورت جج ۽ آءِ جي پوليس کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان ايس ايس پي آفيس اسلام آباد ۾ جاچ لاءِ پيش ٿيو ۽ جي آءِ ٽي جي سوالن جا جواب ڏنا. جي آءِ ٽي پاران پي ٽي آءِ چيئرمين کي سوالنامو پڻ ڏنو ويو. پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته کيس خبر هئي ته ڪيس مذاق آهي پر هو قانون جي احترام ۾ پيش ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف سياست کي روڪيو پيو وڃي ته ٻئي ڌر کي ڪچليو پيو وڃي، انتظار جون گهڙيون ختم ٿي رهيون آهن، جنهن ڏينهن سڏ ڏنو ويو برداشت نه ڪنداسين.










