ڪو به ملڪ چئلينجز کي اڪيلو منهن نه ٿو ڏئي سگهي: بلاول

ڪو به ملڪ چئلينجز کي اڪيلو منهن نه ٿو ڏئي سگهي: بلاول

ڊيووس: (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته يوڪرين جي معاملي تي گڏيل قومن جي قراردادن تي ته عمل ڪيو ويندو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مغرب جي لاءِ ڪشمير تي گڏيل قومن جون قراردادون صرف ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود آهن.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊيوس ۾ ورلڊ ايڪانامڪ فورم جي سيڪيورٽي بابت ڊائلاگ دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته يوڪرين روس معاملي تي پاڪستان پنهنجي موقف تي قائم آهي. پاڪستان هن تڪرار جي حل جو خواهشمند آهي. ڇو ته روس ۽ يوڪرين جنگ سبب دنيا تي منفي اثر پيا آهن روس ۽ يوڪرين جنگ سان انساني بحران جنم ورتو.هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جنگ سان هزارين ماڻهو عارضي طور تي بي گهر ٿيا. هن جنگ سان خطي ۾ امن کي نقصان پهتو. پاڪستان پاڻ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان جو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪردار چٽو آهي ۽ پاڪستان جو موقف آهي ته جنگين سان غربت ۽ بيروزگاري کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ملندو.پرڏيهي وزير چيو ته روس يوڪرين جنگ سبب گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. پاڪستان جي خواهش آهي ته يوڪرين ۽ روس ڳالهين سان معاملي کي حل ڪن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرار يو اين قرارداد موجب حل ٿيڻ گهرجي. بلاول چيو ته 2022 ۾ افغان طالبان سان ڳالهيون ڪيون ويون. ڪشميري به دنيا طرف ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سميت ٻين چيلنجز کي منهن ڏنو آهي ۽ ترقي يافته ملڪ به اڪيلي سر اهڙن چيلنجز کي منهن نٿا ڏئي سگهن. مسئلن جي حل لاءِ دنيا کي گڏيل تعاون جي ضرورت آهي. ٽئين دنيا جون معيشتون هن وقت دٻاءُ جو شڪار آهن. جنهن وقت عالمي ادارا ٺاهيا ويا ان وقت دنيا مختلف هئي. گلوبل وارمنگ سبب پاڪستان سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو. نيو ورلڊ آرڊر سبب ترقي يافته ملڪ پريشانين جو شڪار آهن. ايشيا خاص طور تي ترقي يافته ملڪن کي گڏ کڻي هلڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو