ڪو به حڪومت کي ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار ناهي:شيخ رشيد

ڪو به حڪومت کي ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار ناهي:شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته موجوده حڪومت کي ڪير به هڪ ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.پي ٽي آءِ لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته انهن ماڻهن منهنجي خلاف 25 ٿاڻن ۾ درخواستون ڏنيون آهن، انهن مان 2 جي ضمانت ٿي چڪي آهي.اتحادي حڪومت تي تنقيد ڪندي شيخ رشيد چيو ته هي ماڻهو چين کان امداد وٺڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن، حڪومت هڪ ڊالر به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، امداد پاڪ فوج جي ڪري ملي آهي. شيخ رشيد چيو ته لاهور ۽ فيصل آباد جي ضمني چونڊن ۾ عوام فيصلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته عوام جي اڪثريت حڪومت کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو