ٺٽو( رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)ٺٽو ۽ ڄامشورو ضلعن جي ڪوھستاني پٽي ۾ برساتن جو پاڻي ختم ٿيڻ ڪري ٻيھر ڏڪاري حالتون شروع، هڪ پاسي ڪوھستان واسي پينئڻ جي ته ٻي پاسي برساتن جي پاڻي جي نيڪالي نه ٿي ۽ ڏڪار جهڙيون حالتون آهن ڪوھستاني ڳوٺ وڏيرو حبيب خاصخيلي جي ڪيترن ئي رھواسين پاڻي سميت بنيادي سھولتون ڏيارڻ لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو شاھنواز خاصخيلي، گل بھار، ڪاهه ڊيرو، ڌڻي بخش، جميل، رضا محمد، دودو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو ته ٺٽو ۽ ڄامشورو ضلعن جي ڪوھستاني پٽي ۾ برساتن جو پاڻي ختم ٿيڻ ڪري ڏڪاري حالتون شروع ٿي ويون آھن. ھنن چيو ته سندن ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي، تعليم، صُحت، روڊ، رستي سميت سمورين بنيادي سھوليتن کان محروم بڻيل آھن. اسڪول نه ھجڻ ڪري ٻار تعليم کان محروم بڻجي رھيا آھن، صحت جي ڪابہ سھوليٿن موجود ناھي، روڊ رستا نہ ھجڻ ڪري اڪثر ماڻھون اسپتالن پھچڻ کان اڳ رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏين ٿا. ھنن چيو ته کين دراوِڙ ڊئم ويجھو ھجڻ باوجود ان مان نه پيئڻ لاء ٿو پاڻي ملي ۽ نه ئي زمينون آباد ڪرڻ لاء، جنھن ڪري سندن زمينون به بنجر بڻجي رھيون آھن، ھنن چيو ته چونڊيل نمائندا اليڪشن دوران وڏا واعدہ ڪن ٿا ۽ پوء ڳوليا به نٿا لڀن. ھنن گھرڪئي ته کين پيئڻ جي پاڻي سميت اسڪول، صحت مرڪز، روڊ، رستي سميت سنڳريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري پريشاني کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ مسئلن جي حل تائين سندن احتجاج جاري رھندو.










