سکر (جئيرام داس) ڪوٽ مير محمد واسي مڱڻيجن شڪي پوليس مقابلي خلاف احتجاج ڪيو. خيرپور ضلعي جي ڪوٽ مير محمد جي رهواسي منڱڻيجا برادري سکر پهچي احتجاج ڪيو. برادري جي چڱي مڙس نذير احمد منڱڻيجو، محمد عيسيٰ ثناء الله ۽ محمد ياسين منڱڻيجو ٻڌايو ته، خيرپور پوليس بي گناھ شھري عبدالخالق عرف گلزار منڱڻيجو کي ڌاڙيل رحيمو ڦلپوٽي جو ساٿي ڄاڻائي هاف فراء ڪيو آھي. هنن ٻڌايو ته عبدالخالق عرف گلزار منڱڻيجو کي چڱي مڙس نذير احمد منڱڻيجو وڏا ماڇيون ٿاڻي تي سولر پليٽن چوري جي اين سي تي صوبيدار امير پٺاڻ حوالي ڪيو هو ٻئي ڏينهن تي خيرپور پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي هاف فراء ڪري ڇڏيو. هنن ٻڌايو ته پوليس عبدالخالق عرف گلزار جي آزادي لاء پهريان 5 لک ۽ وري 3 لک گهريا هئا. پئسا نه ڏيڻ تي پوليس کيس هاف فراء ڪري ڇڏيو. عبدالخالق عرف گلزار نه ڌاڙيل هو ۽ نه ئي رحيمو ڦلپوٽي جو ساٿي هو. هنن مطالبو ڪيو ته ڪوڙي پوليس مقابلي جي جاچ ڪرائي کين انصاف ڏنو وڃي










