ڪوڙا الزام، اي ڊي خواجا جو رائو انوار کي قانوني نوٽيس

ڪوڙا الزام، اي ڊي خواجا جو رائو انوار کي قانوني نوٽيس

اسلام آباد (بيورو)اڳوڻي آءِ جي ۽ موجوده ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي اي ڊي خواجا ايس ايس پي (ر) رائو انوار کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو.ذريعن موجب اي ڊي خواجا رائو انوار کي اڱاري تي هڪ قانوني نوٽيس موڪليو، جنهن ۾ هن چيو ته سندس خلاف توهين آميز لفظ استعمال ڪيا ويا.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته رائو انوار جيو نيوز جي پروگرام ۾ مون تي ڪوڙا الزام هنيا، جنهن سان منهنجي ساک کي نقصان پهتو، جڏهن ته منهنجي خاندان کي انهن الزامن کان خطرو آهي.نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته رائو انوار فوري طور تي معافي وٺي ۽ مستقبل ۾ اهڙن الزامن کان پاسو ڪري، ذريعن موجب اي ڊي خواجا طرفان رائو انوار کي موڪليل نوٽيس ۾ 5 ڪروڙ رپين جي هرجاڻي جو به ذڪر آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اي ڊي خواجا جي قانوني نوٽيس ۾ رائو انوار کي 14 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو