سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ) صابو راهو اسٽاپ وٽ قومي شاهراھ تي مسافر ڪوچ روڊ تي سامهون ايندڙ درويش فقير کي بچائيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ درويش ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏھن ته ڪوچ جا مسافر سخت زخمي ٿي پيا واقعي جو اطلاع ملندي ئي همدرد فري ايمبولينس سروس جو انچارج اقبال رند ٻن ايمبولينس گاڏين سميت حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ پهچايو جتي لاش ضروري ڪاغذي بعد اسپتال ۾ پيل جڏھن ته زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. هوڏانهن امداد راهو گروپ جا نوجوان غلام علي رند جي اڳواڻيءَ ۾ زخمين کي ڪوچ مان ڪڍندا رهيا ٻئي پاسي موٽر وي پوليس پڻ ترت پهچي قومي شاهراھ کي کولرايو.










