نوشھرو فيرز (ن س) نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر وي پوليس سائوٿ زون ڪراچي ڊي آءِ جي جاويد علي مهر حادثن تي ضابطو آڻڻ لاءِ پبلڪ سروس گاڏين جي مالڪن سان ملاقات ڪئي.اجلاس ۾ نيشنل هاءِ وي تي حادثن جي خاتمي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ڊي آءِ جي جاويد علي مهر ڪوچ مالڪن کي چيو ته سمورن ڪوچن ۾ ٻه ڊرائيور هجڻ لازمي آهي، گاڏين جي فٽنيس تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ڪا به انفٽ گاڏي نه هلائي وڃي..ان کان علاوه ڪوچز ۾ ٽريڪر سسٽم لڳايو وڃي ته جيئن گاڏين جي حرڪت ۽ اوور اسپيڊنگ کي مانيٽر ڪري سگهجي، ان سان گڏ ڊيش ڪيم ڪيمرائون، باهه وسائڻ وارا اوزار ۽ فرسٽ ايڊ ڪِٽس سڀني گاڏين ۾ هجڻ گهرجن.. ان موقعي تي ڊي آءِ جي موٽر وي پوليس جاويد علي مهر ٽرانسپورٽرن کي چيو ته مين گيٽ کان علاوه سمورن مسافر ڪوچن ۾ ايمرجنسي گيٽس لازمي هجڻ گهرجن ته جيئن ڪنهن حادثي جي صورت ۾ مسافرن کي آساني سان ٻاهر ڪڍي سگهجي.بسن جي مالڪن ڊي آءِ جي موٽر وي پوليس کي يقين ڏياريو ته مسافرن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ کين هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ روڊ تي حادثن کي روڪڻ لاءِ سمورا اپاءَ ورتا ويندا. آخر ۾ ڊي آءِ جي موٽر وي پوليس مسافر ڪوچن جي ڊرائيورن کي روڊ سيفٽي جي تربيت ڏيڻ جو پڻ چيو، جنهن سان سندن صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو.










