ڪوٽڙي (ن سنڌيار) نوري آباد ويجهو ڪراچي کان سکر ويندڙ ڪوچ سان حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا، مڊوي هوٽل وٽ ڪوچ اڻڄاتل گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، خيرپور واسي محمد يوسف زيدي ۽ شاهه رخ فوت ٿي ويا ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا، ريسڪيو ٽيمون حادثي واري هنڌ پهچي زخمين ۽ فوتين جا لاش نوري آباد ٽراما سينٽر منتقل ڪيا.










