لکي غلام شاھ (نثارمنگي)سکر شڪارپور ھاءِ وي تي لکي غلام شاھ ٿاڻي جي اڳيان لکي موڙ وٽ ڪوچ جو چنگچي رڪشه کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي۾ 8 ڄڻا سخت زخمي.ھڪ جي حالت نازڪ ڳڻتي جوڳي حالت۾ کيس سکر منتقل ڪيو ويو. باجوڙ کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ جو چنگچي رڪشه کي ٽڪر سبب فيضو لڳ ڳوٺ شير جتوئي جا رھواسي 8ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي ايمولينس ذريعي تعلقه اسپتال لکي آندو ويو زخمين ۾ عبدالستاربروھي،علي حيدربروھي،صدام حسين بروھي،محمد ايوب پھوڙ، ولي محمد بروھي، عطاالله بروھي ۽نظير حسين بروھي شامل آھن.ھڪ ڄڻي نظير حسين بروھي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر منتقل ڪيو ويو.










