ڪوٽ ادو: گهر ۾ ڌماڪو، 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪوٽ ادو (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي ضلعي ڪوٽ ادو جي علائقي ديره دين پناهه ۾ هڪ گهر ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن.پوليس موجب ڌماڪو هڪ شخص جي گهر ۾ ٿيو، جيڪو ڪٻاڙي جو ڪم ڪري ٿو.ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ لاڳاپيل سيڪيورٽي ادارن جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون.ڌماڪي جي نوعيت جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ 3 عورتون به شامل آهن.فوتين جي سڃاڻپ محمد اقبال، محمد بلال، حسينه، شانو ۽ سعديه بي بي طور ٿي آهي.فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو