ڪوٽڙي (ن سنڌيار) لاهور کان ڪراچي پيندڙ مال گاڏي پٽڙي تان لهي وئي جنهن سبب پنجاب کان ڪراچي ايندڙ ريل گاڏين کي مختلف اسٽيشنز تي بيهاريوويو آهي ۽ سندن شيڊول متاثر ٿيو آهي. ريلوي جي لاڳاپيل آفيسرن جو چوڻ آهي ته ٽرين جي پٽڙي پراڻي آهي ان جي مرمت جي ضرورت آهي، ڪيترا دفعا رپورٽ هيڊ ڪوارٽر موڪلي آهي پر ايم ايل ون جي ڪري مرمتي ڪم نه ٿيو آهي. 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون 300 فٽ ريلوي ٽريڪ متاثر ٿيو آهي. بحالي جو ڪم جاري آهي.










