ممبئي (ويب ڊيسڪ)گذريل ڏينهن ڀارت ۽ افغانستان جي ميچ دوران اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي بهترين بيٽنگ ڪندي 3 سالن کانپوءِ سينچري اسڪور ڪئي هئي.هن سينچري جتي ڪرڪيٽ جي مداحن ۽ ڪوهلي جي مداحن لاءِ خوشيون آڻي ڇڏيون، اتي ڪرڪيٽر جي زال اداڪارا انوشڪا شرما به سوشل ميڊيا تي پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو.انوشڪا شرما پنهنجي اڪائونٽ تي ويرات جي سينچري ملهائيندي تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته ”توهان سان گڏ هر حال ۾، ڪنهن به طرح سان رهان“.










