ڪوريا فيس بڪ ءٍ ميٽا تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو

ڪوريا فيس بڪ ءٍ ميٽا تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ ڪوريا پرائيويسي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گوگل ۽ ميٽا ڪمپنين کي 72 ملين ڊالر ڏنڊ هنيو آهي. ڏکڻ ڪوريا جي پرسنل انفارميشن پروٽيڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب گوگل تي 50 ملين ڊالر ۽ ميٽا تي 22 ملين ڊالر ڏنڊ لڳايو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ٽيڪنالاجي ڪمپنين پنهنجن صارفين جي ذاتي تفصيلن کي انهن جي رضامندي کان سواء گڏ ڪيو ۽ انهن کي اشتهارن لاء استعمال ڪيو. بيان ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته تحقيق ڏيکاري ٿي ته ٻئي ڪمپنيون پنهنجي صارفين جي ايپس ۽ ويب سائيٽن جي استعمال جي نگراني ڪن ٿيون. ڪميشن چيو ته ڏکڻ ڪوريا انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ (82 سيڪڙو گوگل ۽ 98 سيڪڙو ميٽا) اڻڄاڻ طور تي ٻنهي ڪمپنين کي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏني. “جڏهن ته اسان ڪميشن جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا، اسان يقين رکون ٿا ته اسان پنهنجي گراهڪن سان قانوني طور تي ڪم ڪري رهيا هئاسين،” ميٽا جي ترجمان ڏکڻ ڪورين ڪميشن جي فيصلي بابت ترجمان وڌيڪ چيو ته ان لاءِ اسان ڪميشن جي فيصلي سان متفق ناهيون ۽ عدالت سان رجوع ڪرڻ سميت سمورن آپشن تي غور ڪيو پيو وڃي. گوگل اڃا تائين ان حوالي سان ڪو به بيان جاري نه ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو