ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ۽ ڪورونا ڪيسز وڌيا ته ٻيهر سختيون ڪيون وينديون، سنڌ سرڪار ڪاروباري مرڪز ۽ مارڪيٽس کولڻ واري اين سي او سي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽاسڪ فورس جي اجلاس دوران ڪورونا صورتحال جو جائزو، عباسي شهيد اسپتال ۾ ڪووِڊ وارڊ فوري فعال ڪرڻ ۽ اسپتال جي رهتُن جي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت، اجلاس ۾ بريفنگ دوران چيو ويو ته عيد جي موڪلن دوران ايڪسپو سينٽر ۾ 13 هزار 634 وئڪسينز لڳايون ويون، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 10 کان 16 مئي تائين ڪورونا سبب 43 جانيون وڃڻ تي ڳڻتي آهي، خميس ڏينهن صورتحال جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو..










