ڪورونا ويڪسينيشن کان ڇوٽ واري درخواست رد

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) سربيائي ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر هڪ نواڪ جوڪووچ آمريڪا ۾ ٿيندڙ انڊين ويلز ٽورنامينٽ کان دستبردار ٿي ويو جڏهن ته سندس ڪورونا ويڪسينيشن کان استثنيٰ جي درخواست رد ڪئي وئي.پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ داخلا لاءِ ڪورونا جي ويڪسينيشن لازمي آهي، جڏهن ته جوڪووچ ويڪسينيشن نه ڪرائي هئي.رپورٽ موجب جوڪووچ ڪورونا جي ويڪسينيشن کان ڇوٽ جي درخواست ڏني هئي، جنهن کي آمريڪي حڪومت رد ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو