ڪورونا وائرس سبب 80 فوت، چيني صدر پاران ڳڻتي ظاهر

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي صدر شي جن پي چيو آهي ته ڪورونا وائرس تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي ۽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري رهيو آهي. اهڙو اظهار هن 25 جنوري کان چين ۾ شروع ٿيندڙ نئين سال جي موقعي تي موڪل واري ڏينهن هڪ اهم اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. چين جي شهر ووهان ۾ ڦهليل هن وائرس سبب مرندڙن جو انگ 80 ٿي ويو آهي ۽ 2000 ماڻهو هن وائرس ۾ مبتلا آهن. چين اڳ ۾ ئي متاثره علائقي ۾ سفري پابنديون هنيو آهن پر آچر کان نجي گاڏين جي داخلا تي مڪمل طور پابندي مڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي. چين ۾ ڦهلجندڙ وائرس سبب پاڪستاني ۽ ڀارتي شاگرد ڪافي پريشان آهن. پرڏيهي کاتي موجب ووهان ۾ 500 پاڪستاني شاگرد موجود آهن. چين ڪورونا وائرس جي متاثرن لاءِ هڪ هزار بسترن تي مشتمل اسپتال قائم ڪئي آهي ۽ هڪ ٻئي اسپتال جي قيام لاءِ ڪم هلي پيو. چيني فوجي ڊاڪٽرن جون ٽيمون هوبائي صوبي جي گادي واري شهر ووهان ۾ پهچي ويون آهن.گذريل سال ڊسمبر ۾ ڦهلجندڙ هن وائرس سبب چين م نئين سال جي موقعي تي ڪافي تقريبون رد ڪيون ويون هيون. چين جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ٽرين سروس معطل آهي. هانگ ڪانگ ۾ به ايمرجنسي لاڳو آهي ۽ اسڪولن جي موڪلن ۾ واڌ به ڪئي وئي آهي. هڪ ڪروڙ کان مٿي واري آبادي واري صوبي هوبائي جي شهرين کي صوبي مان ٻاهر نه نڪرڻ جو پابند ڪيو ويو آهي.

ڪورونا وائرس ڇا آهي؟

هي وائرس بلڪل نئون آهي ۽ اڳ ۾ ڪڏهن به ناهي ڏٺو ويو، هن وائرس سبب مريض بخار ۾ مبتلا ٿئي ٿو ، خشڪ کنگهه ٿئي ٿي ۽ مريض ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. هن وائرس سان ملندڙ جلندڙ هڪ وائرس چمڙن ذريعي 2003 ۾ به ڦهليو هو. هن جي ڪا به ويڪسين يا دوا موجود ناهي. چيني اختيارين جو خيال آهي ته هي وائرس مڇي مارڪيٽ ۾ ڪجهه سامونڊي جيوت مان ڦهليو هجي.

احتياطي تدبيرون

هانگ ڪانگ يونيورسٽي جي پبلڪ هيلٿ جي شعبي جي سربراهه وائرس کان بچڻ لاءِ چيو آهي ته پنهنجا هٿ هر هر صابڻ سان ڌوئو، نڪ ۽ چهري کي نه رڳڙيو، ٻاهر وڃڻ وقت ماسڪ پايو، هجوم ۾ وڃڻ کان پاسو ڪريو ۽ ڊاڪٽر کان ڪا به ڳالهه نه لڪايو.

پهنجو تبصرو موڪليو