ڪراچي (ويب ديسڪ) دنيا ۾ هن وقت طبي دنيا سان وابسطه سوين تحقيق ڪار، سائنسدان ۽ ماهر دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ موثر دوا بابت تجربن ۾ مصروف آهن. آمريڪا ۾ سپر ڪمپيوٽر 70 شين جي نشاندهي ڪئي هئي جن کي ملائي موثر دوا ٺاهي سگهجي ٿي. نيو يارڪ ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب 69 دوائون اهڙيون آهن جيڪي ڪورونا وائرس جي علاج ۾ موثر ٿي سگهن ٿيون. جيئن ته ڪورونا وائرس ڦڦڙن تي حملو ڪري ٿو ۽ متاثر شخص جو ساهه گهٽجي ٿو . سائنسدان ڦڦڙن جو ڪورونا وائرس جي حملي سبب مدافعتي نظام مضبوط ڪرڻ لاءِ دوا تيار ڪرڻ ۾ مصروف آهن. نئين تحقيق ۾ سائنسدانن ڪورونا وائرس جي 29 مان 26 جينز جي جاچ پڙتال ڪئي آهي جيڪي وائرل پروٽينز کي ٺاهن ٿا. ڪجهه وائرس صرف هڪ انساني پروٽين تي حملو ڪندا آهن پر ڪورونا وائرس انسان جي 332 خلياتي پروٽينز تي حملو ڪري ٿو، تحقيق ڪارن جي ٽيم 24، اهرين دوائن جي نشاندهي ڪئي جن جي اڳ ۾ ئي آمريڪا جي فوڊ اينڊ ڊرگ ايجنسي ڪينسر، پارڪنسن ۽ بلڊ پريشر جي بيمارين ۾ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي چڪي هئي. انهن دوائن ۾ شگر جي ٽائپ ٽو مريضن جي دوا م استعمال ٿيندڙ ميٽافورمن به شامل آهي. سائنسدانن اهڙا مرڪب يعني مختلف دوائن جي گڏجڻ سبب تيار ٿيندڙ مواد به تيار ڪيا آهن جن جا ڪلنيڪل تجربا هلن ٿا.انهن ۾ ڪجهه اهڙا اينٽي باڊيز به آهن جيڪي خلياتي مشينري م بيڪٽريا کي ماري ڇڏيندا آهن. انهن دوائن ۾ مليريا کي ختم ڪرن واري دوا ڪلورو ڪوئن (جنهن کي Hydroxychloroquine به چيو ويندو آهي) به شامل آهي. جنهن بابت سائنسدان ڊگهي عرصي کان ڄاڻن ٿا ته اها انساني خلياتي پروٽين سگما 1 رسيپٽرسان جڙي ويندي آهي ۽ هي اهو ئي رسيپٽر آهي جنهن تي ڪورونا حملوڪري ٿو. اها دوا گذريل هفتي کان دنيا ڀر ۾ خبرن جو مرڪز رهي آهي ته ڪيترن ملڪمن ۾ ابتدائي طور ان کي ڪورونا لاءِ موثر سمجهو پيو وڃي. جنهن بعد صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او ان دوا بابت تحقيق شروع ڪرائي آهي. هن تحقيقاتي ٽيم جي سربراهه ۽ ڪيلفورنيا يونيورسٽي جي بايولاجسٽ پروفيسر نوين ڪروگن خبردار ڪيو هو ته هن جا سائيڊ اِفيڪٽ آهن. هن اهو به چيو هو ته ان جي استعمال ۾ احتياط جي ضرورت آهي ۽ ان بابت هر قسم جي ڊيٽا جي تجزيي جي ضرورت آهي. هن تحقيق ۾ آمريڪا جي آئيڪهان اسڪول آف ميڊيسن Icahn School of Medicine۽ فرانس جي پيسٽيور انسٽيٽيوٽ جا ماهر به شريڪ آهن. هن تحقيقاتي ٽيم کي اڃا ڪجهه نتيجن جو انتظار آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ فرانس ۾ ماهرن جي ٽيم ڪلوروڪوئن جو 36 مريضن تي استعمال ڪيو هو ۽ دعويٰ ڪئي هئي ته 70 سيڪڙو مريض ٺيڪ ٿي ويا هئا ۽ سندن رت مان ڪورونا وائرس غائب ٿي ويو هو.
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29
مداخلت برداشت نه ڪبي، عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين
عدليا ۾ ايجنسين جي مداخلت، جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو اعلان
سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان
پرڏيهه ۾رهندڙ پاڪستاني سمورا ٽيڪس ادا ڪندا آهن
سنڌ حڪومت هاڻي انٽر سٽي بس سروس شروع ڪندي
گوگل چيٽ ۾ وائس ميسيج متعارف
صدر سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ٻه طرفن معاملن بابت ملاقات