ڪورونا وائرس جي اصليت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪم جاري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي اصليت بابت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪم اڃا جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊاڪٽر ٽيڊروس چيو آهي ته هو اهو واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته ڊبليو ايڇ او ڪورونا وائرس جي شروعات جي نشاندهي لاءِ ڪنهن به منصوبي کي نه ڇڏيو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جو چوڻ آهي ته هن چين جي اعليٰ اڳواڻن سان ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڪيترن ئي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب تازو ئي آمريڪي ايجنسي دعويٰ ڪئي هئي ته ڪورونا وائرس ممڪن طور تي چيني ليبارٽري مان ليڪ ٿيو هو، جنهن جي چين ترديد ڪئي هئي، عالمي صحت واري اداري جي آفيسر مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ڪورونا وائرس کي دريافت ڪري ورتو آهي. رپورٽن تي معلومات شيئر نه ڪئي وئي ته اصل شروعاتي جڳھ جو اندازو لڳايو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو