اسلام آباد(الله وسايو گهوٽو)ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 71 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ 27 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 41هزار 426 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان .2هزار729 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي۽ 71 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي وياآهن .ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 2هزار116 ڪورونا وائرس جا مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ڪورونا کان صحتمند ٿيندڙ مريضن جو ٽوٽل تعداد 3لک81هزرا208 ٿي چڪو آهي. سرڪاري رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ڪل تعداد 8هزار724 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 4لک35هزار056 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 45هزار124 آهي صوبن جي صورتحال سرڪاري رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک92هزار735 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 3هزار132 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک26هزار526 ٿي چڪو آهي ۽ وائرس سبب 3هزار320 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 17هزار696 آهي ۽ فوتين جو ڪل تعداد 173آهي.خيبرپختونخواهه ۾ڪيسن جو ڪل تعداد 51هزار404 ٿي چڪو آهي۽ 1هزار455 ماڻهو ڪورونا وائرس سبب و فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 7هزار620 ماڻهو وائرس کان متاثرٿيا آهن ۽ 188 مريض ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪيسن جو ڪل تعداد 4هزار 775 ٿي چڪو آهي ۽ 98 ڪورونا مريض فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 34هزار300 ٿي چڪو آهي ۽ هن وقت تائين 358 ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن.










