ڪورونا سبب 24 انڊر ٽرائل قيدي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ڦهلجڻ سبب جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس، ڪارڪي رينٽل پاور ۽ مضاربه ڪيس جي ملزمن سميت 24 انڊر ٽرائل قيدين جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏو آهي. چيف جسٽس اطهرمن الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي مشتمل بينچ نيب جي ڊپٽي پراسيڪيٽر جي مخالفت کي رد ڪندي چيو ته ملڪ ۾ غيرمعمولي حالتون آهن ۽ فيصلا به غير معمولي ڪرڻا پوندا. اوهان بنا سزا وارن قيدين کي جيل ۾ ڇو ٿا رکڻ چاهيو؟ جيلن ۾ گنجائس کان مٿي قيدي آهن جيڪڏهن وائرس ڦهليو ته ڪير زميوار هوندو؟ اوهان ڪيس مضبوط ٺاهيو ۽ انهن کي وڌ کان وڌ سزا ڏياريو. عدالت چيوته موت جي سزا ته ناهي وڌ ۾ وڌ 14 سال قيد آهي اوهان ڪيس بهتر ٺاهيو. عدالتي حڪم بعد حسين لوائي، طاحا رضا، لياقت قائمخان ۽ ڊاڪٽر ڊنشا ۽ مصطفيٰ ذوالقرنين سميت ٻين قيدين کي آزادي ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو