واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل امريڪي صدر جوبائيڊن ڪورونا بابت پلان تي ڳالهائيندي چيو آهي ته امريڪا ۾ڪورونا وگهي فوتگيون ٻئي عالمي جنگ کان وڌيڪ آهن، ايندڙ ٻن مهينن ۾وائرس سبب فوتگين جو انگ 5 لکن کان وڌي سگهي ٿو، امريڪا ايندڙ مسافرن کي آئيسوليشن ۾رهڻو پوندو. سندس چوڻ آهي ته گذريل حڪومت جي ناڪامي جي قيمت روزانو هزارين موتن جي شڪل ۾ڀرڻي پئجي رهي آهي، تمام امريڪي ماسڪ پائين، پهريان 100 ڏينهن چئلينجز ۾شامل آهن، ماڻهن ماسڪ پاتو ته اپريل تائين 50 هزار کان وڌيڪ جانيون بچائي سگهجن ٿيون.










