ڪورونا سبب وڌيڪ 98مريض فوت، 5هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 98 مريض فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته 5هزار875 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 57 هزار 591 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 11لک37هزار742 ٿي وئي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 5 هزار 857 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ7 لک78هزار 238 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 75 هزار 081، پنجاب ۾  2 لک 79 هزار 437، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 9 هزار 704، اسلام آباد ۾ 71 هزار 533، بلوچستان ۾ 21 هزار 242، آزاد ڪشمير ۾ 16  هزار 026 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 215 ڄڻن ۾ ڪروونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 84 هزار 935 ٿي وئي آهي. جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 98 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ گڏيل طور تي 18 هزار 698 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 3 هزار 986 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 6لک76هزار605 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو