ڪورونا سبب ملڪ ۾ 85  مريض وڌيڪ فوت

ڪورونا سبب ملڪ ۾ 85 مريض وڌيڪ فوت

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 85 مريض فوت ٿي چڪا آهن ۽ 2هزار100 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 39هزار435 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2هزار152 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس متاثر جي تصديق ڪئي وئي ۽ 85 مريض ڪورونا سبب فوت ٿي ويا.سرڪاري پورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت شرح 5.6 سيڪڙو  رهي آهي.ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ڪل تعداد 9هزار753 ٿي چڪو آهي۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 4لک67هزار222 تائين پهچي چڪو آهي  جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 38هزار511 آهي. ان کان علاوه  گذريل 24  ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان صحتياب ٿيندڙ  مريضن جو تعداد1824 آهي صحتياب ٿيندڙ مريضن جو ڪل تعداد 4لک18هزار958  ٿي چڪو آهي.سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک08هزار514 ٿي چڪوآهي جڏهن ته 3هزار440 ماڻهو هينئر تائينڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک34هزار345 ٿي چڪو آهي ۽ 3هزار831 مريض وائرس سبب فوت چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار028 آهي ۽ فوتين جو انگ 181 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪيسن جو ڪل تعداد  56هزار544 آهي ۽ 1هزار585 ماڻهو ڪورونا کان فوت ٿي چڪا آهن.جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ڪيسن جو ڪل تعداد 8هزار103 آهي۽  213  مريض فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا ڪيسن جو ڪل تعداد 4هزار844  ٿي چڪو آهي ۽101 مريض فوت ٿي چڪا آهن. اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 36هزار844 آهي ۽ 402 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو