اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا عالمي وبائي مرض سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 63 ماڻهو فوت ٿي ويا ، فوت ٿي ويا جڏهن ته 2هزار260 نوان ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 36هزار909 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2هزار260 ماڻهن کي وائرس جي تصديق ڪئي وئي ۽ 63 مريض فوت ٿي ويا اهن. اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ ڪوورنا سبب فوتين جو انگ 9 هزار 816 ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثر مريضن جوڪل تعداد 4لک69هزار482 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب ، ملڪ ۾ فعال ڪورونا ڪيسن جو تعداد 39هزار177 آهي 4 لک 20 هزار 489ماڻهو صحت مند ٿي چڪا آهن.نيشنل ڪمانڊ ۽ آپريشن سينٽر جي مطابق ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ مريض فوت پنجاب ۾ رڪارڊ ڪيا وياآهن جڏهن ته موت جي لحاظ کان سنڌ ٻئي نمبر تي آهي.










