پهرين آگسٽ کان ويڪسين سرٽيفڪيٽ بنا فضائي سفر تي پابندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان پاران خبردار ڪرڻ بعد اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر جا آثار ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته  ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ شادي هالز ۽ ريسٽورنٽس بند ڪنداسين. هوڏانهن ايس سي او سي جي اعلان موجب پهرين آگسٽ کان بنا ويڪسين سرٽيفڪيٽ جي دضائي سفر تي پابندي هوندي ۽ ڪا به ايئرلائين بنا سرٽيفڪيٽ جي ڪنهن به مسافر جي بڪنگ نه ڪندي. اسد عمر چيو ته 2هفتا اڳ آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ڪورونا جي چوٿين لهر جون علامتون رپورٽ ٿيون آهن. هن چيو ته پبلڪ پارڪ، شادي هالز، هوٽل ۽ جم مالڪن ذميواري نه ڏيکاري ته کين ٻيهر بند ڪرڻ کانسواءِ ٻيو رستو نه آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته ماسڪ پايو ۽ غير ضروري طور گهرن مان ٻاهر نه نڪرو.

پهنجو تبصرو موڪليو