اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 هزار 829 نوان ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن ۽ 43 ڪورونا جا مريض فوت ٿي ويا.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 40 هزار 369 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ ڪورونا جي گڏيل ٽيسٽن جو انگ 54 لک 75 هزار 508 ٿي وئي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 2 هزار 829 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو ٽوٽل انگ 3 لک 95 هزار 185 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ هڪ لک 71 هزار 595، پنجاب ۾ هڪ لک 18 هزار 511، خيبرپختونخواهه ۾ 46 هزار 877، اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 29 هزار 782، بلوچستان ۾ 17 هزار 101، آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار 682 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 637 ڄڻا ڪورونا سبب متاثر ٿي چڪا آهن.اين سي او سي موجب ڪورونا وڌيڪ 43 مريضن جون حياتيون کسي ورتيون آهن جنهن کان پوءِ هن وبا سبب سڄي ملڪ ۾ فوت ٿي ويل گڏيل مريضن جو انگ 7 هزار 985 تائين پهچي ويو آهي. پنجاب ۾ 2 هزار 979 سنڌ ۾ 2 هزار 911، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 359، اسلام آباد ۾ 309، گلگت بلتستان ۾ 97، بلوچستان ۾ 166 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 164 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2 هزار 257 مريض صحتياب به ٿيا آهن. اهڙي طرح هن مرض کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 3 لک 39 هزار 810 ٿي وئي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ وڌي 47 هزار 390 ٿي ويو آهي جن مان 2 هزار 186 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.










