اسلام آباد (بيورو)سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 15.3 سيڪڙو رهي، جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي تشخيص لاءِ 19 هزار 236 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 605 ڄڻن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي.اين آءِ ايڇ موجب 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 3 ڄڻا ڪورونا سبب فوت ٿي ويا جڏهن ته ملڪ ۾ هن وقت 176 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.










