اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ وارو وفاق جو طريقو سمجهه کان ٻاهر آهي.احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي تڪ اين اي 249 ۾ چونڊ بهتر طريقي سان ٿي ۽ تڪ ۾ ڌانڌلي جي ڪابه شڪايت نه هئي. هاڻ تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ ٿيندي. جڏهن ته ٻيهر ڳڻپ کي ريٽرنگ آفيسر رد ڪري ڇڏيو هو. اليڪشن ڪميشن جي طرفان ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جي فيصلي تي حيرت ٿي. پر ان هوندي به اسان اليڪشن ڪميشن جو ٻيهر ڳڻپ وارو فيصلو مڃيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته اليڪٽرونڪ مشين جون ڳالهيون اڳ به ٿينديون رهنديون آهن.2017 ۾ به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. سياسي بيانن ۾ اڳيان نه وينداسين ته ترقي نه ڪنداسين. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻڌو هو ته اڏامن ۾ محدود سيٽون رکيون وينديون. پر ائين نه ٿيو. اسان سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ 20 سيڪڙو حاضري رکي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن جي اجازت نه آهي. انٽرسٽي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. اپريل ۾ بين الصوبائي ٽرانسپورت بند ڪرڻي هئي اسان دير ڪري چڪا آهيون.مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم چوي ٿو ته گهبرائڻو ناهي پر مان ته آگسٽ 2019 ۾ ئي گهبرائي چڪو آهيان. وڏي وزير چيوته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ وارو وفاق جو طريقو سمجهه کان ٻاهر آهي. اسان کان هڪ وڏي ناڪامي ٿي جو اسان ويڪسين وقت تي نه گهرائي سگهياسين. اسان پٺتي پيل ملڪن کان به ويڪسينيشن گهرائڻ ۾ پوئتي آهيون. هڪ وزير ايس او پيز وارو عمل ناپڻ جي لاءِ ميٽر به ڪڍي ورتو آهي. بٽڻ دٻائيندي ئي ايس او پيز جي خبر پئجي ويندي آهي. اخباري بيان ڏيڻ ۽ نوان نوان ميٽر ايجاد ڪرڻ سان ڪورونا کي روڪي نٿو سگهجي. هڪ وزير چنڊ ڏسڻ ۽ وينٽيليٽر جو به ٻڌائيندو هو جيڪو ان جو ڪم ئي نه هو. اسان کي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻو آهي. وزيراعطم چوي ٿو ته ماسڪ نه پاتوسين ته صورتحال ڀارت جهڙي ٿي ويندي. ننڍي ڪمري ۾ 50 ماڻهو بيٺل آهن ته اهو ڪورونا کي روڪڻ جو طريقو ته نه آهي. اوهان روز ڪراچي مان 50 ماڻهو گهرايو ٿا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اين سي او سي ۾ چيو هو ته يوم علي رضه تي هڪ فيصلو ڪريو جنهن تي سڀ پابند هجن. اين سي او سي يوم علي رضه جي جلوس تي پابندي لڳائي هئي پر ان کان پوءِ صدر چيو ته جلوسن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو