ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار)قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ مڪمل ٿي وئي آهي ۽ ڳڻپ جاري آهي. پولنگ دوران مختلف سياسي ڪارڪنن ۾ جهيڙا به ٿيا،جنهن ۾ هڪ ڪارڪن فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن. فوتي سيف الدين ڪليم کي مٿي م گولي لڳل هئي جنهن کي مرده حالت ۾ جناح اسپتال آندو ويو. زخمين ۾ محمد ادريس، خالد چوهاڻ، سلمان اسلم، ذيشان وارث ۽ وليد قدرت الله شامل آهن، وليد کي گولي لڳل آهي ۽ باق زخمين کي زوردار راد لڳي آهي. سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي جهيڙن ۾ ملوث شرپسندن خلاف ڪاروائي جو حڪوم ڏنو آهي. شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته جهيڙا انهن علائقن م ٿيا جتي پولنگ نه هئي ان ڪري پوليس به اتي نه هئي. پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻن الزام هنيو آهي ته اڳ ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن حملو ڪيو جنهن بعد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي غنڊن سندن ڪارڪنن تي حملو ڪيو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي خواجا اظهار الحسن الزام هنيو ته سندن 8 ڪارڪن زخمي آهن ۽ پي اي پي ۽ ٽي ايل پي وارن سندن ڪارڪنن تي حملو ڪيو آهي. پي ايس پي اورن جو چوڻ آهي ته سندن مرڪزي اليڪشن آفيس تي حملو ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 جي خالي ٿيل سيٽ تي پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهي، هن حلقي ۾ 5 لک 29 هزار کان وڌيڪ رجسٽرڊ ووٽر آهن پر ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو. تڪ جي ڪل 309 پولنگ اسٽيشنن مان 203 کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي جتي پولنگ اسٽيشنن سميت بوٿن تي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن. متحده قومي موومينٽ جي ابوبڪر، مهاجر قومي موومينٽ جي رفيع الدين فيصل، پاڪ سرزمين پارٽي جي شبير قائم خاني، پ پ جي ناصر لوڌي ۽ تحريڪ لبيڪ جي ڪاشف قادري سميت 25 اميدوار ميدان ۾ آهن. اين اي 240 جي اها سيٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اقبال محمد علي خان جي وفات سبب خالي ٿي هئي.










