ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو هڪ شهيد 10 زخمي، گاڏين کي باهه

ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو هڪ شهيد 10 زخمي، گاڏين کي باهه

ڪوئيٽا (جي ايم کوسو) ڪوئيٽا جي وچ شھر ۾ واقع سيٽلائيٽ ٽائون نئون بس اڏي جي ڊبل روڊ تي زوردار ڌماڪي ۽ بعد ۾ ڪيل فائرنگ سبب هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 5 پوليس اهلڪارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڊي آءِ جي عبدالرزاق چيما موجب ريپڊ ريسپانس فورس جي گاڏي گشت تي هئي جنهن کي نشانو بڻايو ويو. بم موٽر سائيڪل ۾ لڳل هو جيڪو رموٽ ڪنٽرول سان ڦاڙيو ويو. ڌماڪي بعد آس پاس بيٺل گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي. شهيد ٿيندڙ اهلڪار اسنائپر هو جيڪو گاڏي اندران ڳچي ڪڍي بيٺل هو. عيني شاهدن موجب ڌماڪي بعد فائرنگ به ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو