ڪوئٽا ۽ راولپنڊي جا ڪور ڪمانڊر تبديل، فوج ۾ اهم مقرريون

ڪوئٽا ۽ راولپنڊي جا ڪور ڪمانڊر تبديل، فوج ۾ اهم مقرريون

راولپنڊي (پ ر) پاڪ فوج جي تعلقات عامه واري شعبي ( آءِ ايس پي آر)  جي پڌرائي موجب پاڪ فوج ۾ 5 ليفٽيننٽ جنرلن کي مختلف عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي. جن ۾ ليفٽيننٽ جنرل وسيم اشرف کي ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ يعني ڪور ڪماندر ڪوئٽا مقرر ڪيو ويو آهي. جتان عاصم سليم باجوا ريٽائر ٿي رهيو آهي. جڏهن ته  ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس کي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي تعينات ڪيو ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل خالد ضياءُ کي انسپيڪٽر جنرل آرمز جو عهدو ڏنو ويو آهي ۽ ليفٽيننٽ جنرل محمد چراغ حيدر کي ڊائريڪٽر جنرل جي ايس ايڇ ڪيو مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل بلاول اڪبر کي چيئرمين پي او ايف جي عهدي تي لڳايو ويو آهي. واضع رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ فوج ۾  4 ميجر جنرلن کي ترقيون ڏئي ليفٽيننٽ جنرل بڻايو ويو هيو، جن مان خالد ضيا ۽ محمد چراغ حيدر کي اڄ پوسٽنگ ڏني وئي آهي جڏهن ته ٻن ٻين جي پوسٽنگ بعد ۾ ڪئي ويندي. هلندڙ مهيني ڪوئٽا جو ڪورڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو صدر ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض ۽  پي او ايف واهه جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل صادق علي ريٽائر ڪري رهيا آهن. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير حيات پڻ 29 نومبر تي ريٽائر ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو