ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو ٽن اهلڪارن سميت 7  فوت، 19 زخمي

ڪوئٽا ۾ بم ڌماڪو ٽن اهلڪارن سميت 7 فوت، 19 زخمي

ڪوئٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئٽا جي ضلع عدالتن لڳ روڊ تي بم ڌماڪو ٿيو آهي. پريس ڪلب به ان جي ويجهو آهي. ڌماڪي ۾ سول اسپتال جي ترجمان وسيم بيگ موجب ٻن پوليس اهلڪارن ۽ هڪ ليويزجي اهلڪار سميت 7 ڄڻا فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا آهن. فوتين ۽ زخمين جي انگ ۾ اضافو به ٿي سگهي ٿو.

Photo Twitter

ڌماڪي سبب آس پاس جي عمارتن، دڪانن، هوٽلن جا شيشا ٽتي پيا آهن. سيڪورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي تلاشي شروع ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو