ايئرپورٽ روڊ تي بم ڌماڪو 2 ايف سي اهلڪار زخمي

ايئرپورٽ روڊ تي بم ڌماڪو 2 ايف سي اهلڪار زخمي

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) ايئرپورٽ روڊ تي بم ڌماڪو ٿيو آهي جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي نشانو بڻايو جنهن سبب 2 ايف سي اهلڪار زخمي ٿيا آهن. سيڪورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي تلاشي شروع ڪئي آهي. عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو تمام زوردرا هو ۽ آس پاس جي عمارتن جا شيشا ٽٽي ويا آهن. ريسڪيو جو ڪم جاري آهي. ياد رهي ته 25 جون سبي ۾ ايف سي جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ 5 اهلڪار شهيد ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو