ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ ڪانگو وائرس جو هڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. متاثر مريض کي فاطمه جناح اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي هي هن سال بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس جو ٽيون مثبت ڪيس آهي. ڪانگو وائرس سان متاثر هڪ مريض به فوت ٿي ويو آهي.فاطمه جناح اسپتال جي انتظاميا موجب اسپتال ۾ علاج هيٺ هڪ مريض ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي آهي.17 سالن جي مريض جو تعلق ڪوئيٽا جي اسپيني روڊ علائقي سان آهي. متاثر مريض کي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو.انتظاميا موجب، هن سال بلوچستان ۾ ڪانگو وائرس جو هي ٽيون مثبت ڪيس آهي.هن سال ڪانگو وائرس سان متاثر هڪ مريض فوت به ٿيو آهي.










