ڪوئيٽا ۾ اٽي جو اگهه گهٽجي ويو

ڪوئيٽا ۾ اٽي جو اگهه گهٽجي ويو

ڪوئيٽه (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ اٽي جو اگهه گهٽجي ويو آهي، اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 200 رپيا گهٽتائي ٿي وئي آهي.اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 2800 مان گھٽائي 2600 رپيا ٿي ويو.خوراڪ کاتي موجب فلر ملز کي جنوري جو ڪوٽا ڏنو ويو آهي جڏهن ته فيبروري جو ڪوٽا جاري آهي.خوراڪ کاتي موجب تازو بحران دوران پاسڪو کان 4 لک بوري ڪڻڪ وصول ڪئي وئي.اختيارين موجب پنجاب مان ڪڻڪ جون 2 لک بوريون به جلد پهچنديون، ڪوئيٽا جي 12 سيلز پوائنٽس تي 20 ڪلو اٽو 1510 رپيا في مڻ فراهم ڪيو پيو وڃي. خوراڪ کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي 34 ضلعن ۾ سرڪاري اگهه تي هفتي ۾ ٻه ڀيرا اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو