ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ايئرپورٽ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايڊووڪيٽ عبدالرزاق شر مارجي ويو، واقعي خلاف وڪيلن عدالتن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.هو اڳوڻي وزيراعظم عمر ان خان خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ درخواستگذار پڻ هو.پوليس موجب واقعو ايئرپورٽ ويجهو عالمو چوڪ وٽ ان وقت پيش آيو، جڏهن ايڊووڪيٽ عبدالرزاق پنهنجي گهر کان ڪار ۾ ڪورٽ وڃي رهيو هو ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني ۽ فرار ٿي ويا.حملي ۾ زخمي ٿيڻ بعد عبدالرزاق موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.واقعي کانپوءِ پوليس ۽ ريسڪيو ادارن واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون.پوليس سرجن موجب عبدالرزاق شر کي 2 طرفن کان 9 ايم ايم پستول جا نشانا ۽ 15 گوليون لڳيون.واقعي جو اطلاع ملندي ئي وڪيلن جو وڏو انگ سول اسپتال پهچي ويو.واقعي خلاف وڪيلن جي تنظيمن احتجاج ڪندي عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو.بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ايڊووڪيٽ عبدالرزاق جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.سينيئر وڪيل امان الله ڪنراني موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ عبدالرزاق درخواستگذار هو.عبدالرزاق ايڊووڪيٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ درخواست ڪئي ته عمران خان خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.سندن آئيني درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي 7 جون تي ٿيندي.










