ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)لينڊ سلائيڊنگ سبب بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا کان چمن تائين ٽرين سروس اڃا تائين معطل آهي.اختيارين موجب ڪوئيٽا کان چمن ٽرين سروس هڪ هفتو اڳ شيلا باغ ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب معطل ٿي هئي.اختيارين جو چوڻ آهي ته دوزان بولان وٽ ريلوي پل ڊهي وڃڻ سبب ڪوئيٽا کان اندرون ٽرين سروس معطل ٿي وئي، دوزان ۾ ريلوي پل کي 25 آگسٽ تي ڌماڪي سان اڏايو ويو هو.ريلوي اختيارين موجب چمن ريلوي ٽريڪ جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي، بحاليءَ ۾ اڃا 2 کان 3 ڏينهن لڳي سگهن ٿا.










