ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) راولپنڊي ۾ ڪارروائي ڪندي ملڪ اندر ڪوريئرز ذريعي منشيات جي اسمگلنگ کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.اي اين ايف ترجمان موجب راولپنڊي جي علائقي بحريا ٽائون فيز 4 ۾ هڪ خانگي ڪوريئر آفيس ۾ ڪوئيٽا مان مليل پارسل مان 90 گرام چرس هٿ ڪئي وئي، پارسل موڪليندڙ جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.هڪ ٻي ڪارروائي ۾ سوات جي رهواسي مسافر جي پيٽ مان هيروئن سان ڀريل 70 ڪيپسول هٿ ڪيا ويا، جيڪو شارجه وڃڻ لاءِ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتو، جوابدار شارجه ويندڙ اڏام نمبر پي ڪي 181 تي هو.ترجمان جو چوڻ آهي ته جهلم ٽول پلازه جي ٽي روڊ تي ڪار مان 20 ڪلو 400 گرام چرس ۽ 7 ڪلو 200 گرام آفيم هٿ ڪئي وئي، ڪارروائي ۾ پشاور جي رهواسي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ اي اين ايف ۽ ايف سي جي گڏيل ڪارروائي دوران پلاسٽڪ جي ٿيلهين مان 16 ڪلو 185 گرام چرس هٿ ڪئي وئي آهي.










