ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون جي مسجد ۾ مغرب جي نماز دوران ٿيندڙ ڌماڪي ۾ ڊي ايس پي امان الله سميت 15 ماڻهو شهيد ۽ 21 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس مطابق ڌمڪاو سيٽلائيٽ ٽائون جي علائقي غوث آباد جي مسجد ۾ ٿيو جنهن ۾ ڊي ايس پي حاجي امان الله سميت فوتين جو انگ 15 ٿي ويو آهي. زخمين ۽ فوت ٿيندڙ ماڻهن کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ڌماڪي بعد پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن جڏهن ته ريسڪيو عملو زخمين کي سول اسپتال داخل ڪيو آهي جتي انهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. واضح رهي ته ڊي ايس پي امان الله اسحاق زئي 1 اپريل 1963 تي پيدا ٿيو ۽ 1 ڊسمبر 1988 ۾ بطور اي ايس آءِ پوليس ۾ ڪيريئر جو آغاز ڪيو. 5 آڪٽومبر 2012 تي ڊي ايس پي جي عهدي تي ترقي سندن ترقي ٿي ۽ هن وقت ٽريننگ ڪاليج سرياب روڊ ۾ مقرر هيو. ياد رهي ته 7 جنوري تي به ڪوئيٽا جي ميڪانگي روڊ تي فرنٽيئر ڪور ايف سي جي گاڏي ويجهو ڌماڪي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا. ڌماڪي ۾ ايف سي جي گاڏي کي رش واري علائقي ۾ نشانو بڻايو ويو هو ۽ ڌماڪي واري جاءِ تي بارودي ماود نصب ڪيو ويو هو.










