ڪوئيٽا: بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئيٽا: بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا، پوليس موجب ڪوئيٽا جي علائقي مارگٽ ۾ بارودي سرنگ جو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور تي چئن ماڻهن جي موت جي تصديق ٿي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ٽي ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ انهن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،پوليس ذريعن موجب، سرنگهه جي ڌماڪي کان پوءِ علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس فورس مقرر ڪئي وئي آهي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي اهلڪارن کي به طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو