ڪوئيٽا۾  سي ٽي ڊي جي ڪاراوائي، مقابلي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو

ڪوئيٽا۾ سي ٽي ڊي جي ڪاراوائي، مقابلي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) دهشتگردن سان مقابلو ڪيو آهي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي مقابلي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.جوابدارن جي قبضي مان 80 دستي بم، 2 پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.مارجي ويل دهشتگرد جو لاش ۽ سندس زخمي ساٿي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو