مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي) لاکڙا ڪول فيلڊ جي بندش پيل پي ايم ڊي سي ڪمپني جي کاڻ ۾ اڱاري تي پيش آيل حادثي جو زخمي مزدورڪراچي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 5 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن کاڻ نمبر 21 ۾ ڪوئلي جي کوٽائي دوران ڌماڪي سان گئس ڦھلجڻ سبب باهه لڳي وئي هئي ۽ جنهن ۾ چار پورهيت فوت ۽ ٻه زخمي ٿيا هئا. باهه جي سڙيل ٻنهي زخمين کي ڪراچي موڪليو ويو هو جن مان 40 ورهين جو پورهيت منٺار علي ولد مور خان مريداڻي اڄ اربع تي زخمن جا تاب نه سهندي برنس وارڊ ۾ فوت ٿي ويو. پورهيت منٺار علي چار پٽن ءِ ٽن نياڻين جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو، جڏهن ته ساڳئي حادثي ۾ هڪ ڏينهن اڳ سندس ماسات علي اصغر مريداڻي پڻ فوت ٿي ويو هو. جنهن ۾ هڪ ئي گهر جي ٻن ڀاتين جي وفات تي وڌيڪ منٺارجو لاش ڳوٺ موسيٰ خان مريداڻي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن کاڻ ۾ سڙي دٻجي فوت ٿيل الھ بخش دائيداڻو جو لاش جي اڄ خاڻوٺ ۾ تدفين ڪئي وئي. ڪمپني انتظاميه اڃا تائين متاثره خاندانن جي واهر نه ڪئي آهي. رابطو ڪرڻ تي انڊس ڪول مائينز پوليس عملدار ٻڌايو ته لاشن جي پوسٽ مارٽم سميت ڪاغذي ڪاروائي مڪمل آهي وڌيڪ وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ اچن ته داخل ڪنداسين.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان