ڪهڙيون 8 شيون فرج ۾ نه رکڻ گهرجن؟

ڪراچي(ويب ديسڪ) اسين اڪثر طور کاڌي پيتي جون شيون فرج ۾ رکندا آهيون پر اڄ اسان اوهانکي 8 اهڙين شين جي باري ۾ ٻڌائينداسين جيڪي فرج ۾ رکڻ سان خراب ٿي وينديون آهن. ڪيلا، فرج بدران روم ٽيمپريچر ۾ رکڻ گهرجن، ڇو ته گرمي ميوي کي پچڻ ۾ مدد ڏيندي آهي، روشني ۽ کليل هوا ميوي کي سڙڻ کان روڪيندي آهي. ڪافي کي ٻاهران ايئر ٽائيٽ ڪنٽينر ۾ نه رکو. فرج م رکڻ سان ڪافي جو ذائقو خراب ٿي ويندو آهي. گرمي پد ٽماٽن لاءِ بهتر آهي، تنهن ڪري انهن کي فرج ۾ رکڻ سان اهي نرم ٿي ويندا آهن ۽ گهڻو وقت استعمال جوڳا نه رهندا آهن. جيڪڏهن توهان ماکي کي خالص رکڻ چاهيو ٿا ته ان کي فرج جي ٻاهران هڪ ايئر ٽائيٽ جار ۾ رکو. ڊبل روٽي کي به فرج م رکڻ نه گهرجي. ڇو ته ان ۾ اها باسي ٿي ويندي ۽ هڪ يا ٻن ڏينهن کان پوء ناقابل استعمال ٿي ويندي. بصر به فرج م رکن سان خراب ٿي ويندا. ها البته ڪٽيل بصر فرج ۾ رکي سگهجي ٿو. ٿوم به فرج ۾ نه رکڻ گهرجي اها خراب ٿي سگهي ٿي. شملا مرچ به فرج م رکڻ سان خراب ٿي ويندا آهن ۽ ذائقي ۾ به فرق اچي ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو