ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو، قوم کي غلامي قبول ناهي: اسد عمر

ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو، قوم کي غلامي قبول ناهي: اسد عمر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر جو چوڻ آهي ته سڀ ڪن کولي ٻڌي وٺن هي قوم غلامي لاءِ بلڪل تيار ناهي.راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته ڪنهن اڳيان جهڪڻ لاءِ تيار ناهيون، هي قوم رڳو الله اڳيان جهڪندي آهي، اسان جو ڪپتان گوليون کائي به بيٺل آهي ۽ پنهنجي رب تي يقين رکي ٿو، جيڪو ڏينهن الله موت لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو پوءِ بلٽ پروف پٺيان به نه بچنداسين.اسد عمر چيو ته هاڻ عمران خان جي جلسي لاءِ جايون ننڍيون ٿي ٿيون وڃن، اڄ به ساڳو ئي ٿيو آهي، اڄ پاڪستانين کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو ڪهڙي رستي تي هلڻ چاهين ٿا.هن چيو ته اسان اڳيان هڪ ماضي جو رستو آهي جتي امير لاءِ ڪو قانون ناهي ۽ غريب لاءِ انصاف ناهي، جنهن ۾ فيصلا ٻاهرين ملڪ يا پاڪستان ۾ بند ڪمرن ۾ ٿين ٿا، جنهن ۾ ضميرن جا سودا ڪيا وڃن ٿا.سندس چوڻ هو ته ٻيو رستو امن، خودداري ۽ غيرت جو رستو آهي، هي ٻه رستا آهن جن تي پاڪستانين کي فيصلو ڪرڻو ته ڪهڙي رستي تي هلڻو آهي.اسد عمر چيو ته صحافي ارشد شريف ڪيتريون ئي اپيلون ڪيون ته سندس جان کي خطرو آهي ۽ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ارشد لاءِ انصاف جا دروازا نه کوليا ويا ته هن ملڪ کي ڇڏي وڃڻو پيو، هو ٻاهرين ملڪ ويو ته کيس شهيد ڪيو ويو پر انصاف جا دروازا بند آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو